پارسي دري

پارسي- دري (Parsi- Dari) (ٻولي ):پارسي- دري هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڳالهائي ويندڙ فارسيءَ کان مختلف زبان آهي، پر لساني طور انهيءَ فارسيءَ سان مشابهت رکي ٿي. هيءَ افغانستان ۾ ڳالهائي ويندڙ دري ٻوليءَ سان مشابهت رکي ٿي، هيءَ ايران کان سواءِ افغانستان ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. ايران ۾ هن جا 350000 ڳالهائڻ وارا موجود آهن، جڏهن ته هن ٻوليءَ جي ڳالهائڻ وارن جو دنيا ۾ تعداد 700000 آهي. هند- يورپي، هند- ايراني، ايراني مشرقي، اتر مشرقي ۽ وچولي ايراني ٻولين جي خاندان مان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو